Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:39 - Muslim Sindhi Bible

39 سو هڪڙو ماڻهو ٻنيءَ ڏانهن ڀاڄي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو جتي هڪڙي ول ڏٺائين، جنهن جو ميوو پٽي جھولي ڀري کڻي آيو. پوءِ هن اهي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کاڌي جي ديڳ ۾ وڌا، ڪنهن بہ نہ ٿي ڄاتو تہ اُهي آهن ڇا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ هڪڙو ماڻهو ٻنيءَ ڏانهن ڀاڄين گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري ويو، ۽ وڃي هڪڙي جهنگلي ول لڌائين ۽ اُنهيءَ مان جهنگلي پَن پٽي جهولي ڀري آيو، ۽ اچي اُنهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڀَت جي ديڳڙي ۾ وڌائين: ڇالاءِ جو هنن اُنهن کي نہ ٿي سڃاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:39
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن يعقوب مُهريءَ جي دال رڌي رهيو هو تہ عيسو شڪار تان آيو. هو ساڻو ٿي پيو هو،


هيڪل جي اندرين پاسي جيڪو ديال جو ڪاٺ لڳل هو تنهن تي لاٽون ۽ ٽڙيل گل اُڪريل هئا. اندر سڄو هال ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيل هو جنهن ڪري ڀتين جو پٿر اصل ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو.


جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“


پوءِ اُهو کاڌو سڀني کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو. پر جيئن ئي کائڻ شروع ڪيائون تہ رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا ٻانها! هن ديڳ ۾ تہ زهر آهي.“ سو هنن کاڌو کائڻ ڇڏي ڏنو.


سوچ ويچار کان سواءِ جوش وَ جذبي جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪو هلڻ ۾ جلدبازي ٿو ڪري سو ٿاٻڙجي ڪري ٿو.


آءٌ پنهنجي انگورن جي باغ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگھيس جيڪو مون نہ ڪيو؟ هاڻي جڏهن آءٌ عمدن انگورن جي انتظار ۾ هئس تہ باغ ۾ هي کٽا انگور ڇو پيدا ٿيا؟


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.


خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو خدا جي فضل کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو پليت ٿي پون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ