Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تنهن تي اليشع جيحازيءَ کي چيو تہ ”جلدي ڪر، منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ ڊوڙندو وڃ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي گڏجي تہ انهيءَ کي سلام نہ ڪج ۽ جيڪڏهن ڪو تو کي سلام ڪري تہ انهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج. سڌو هن عورت جي گھر وڃ ۽ وڃي منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي رکج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تنهن تي هن جيحازيءَ کي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ، ۽ منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ، ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃ: جيڪڏهن توکي ڪو ماڻهو گڏجي تہ اُنهيءَ کي سلام نہ ڪج؛ ۽ جيڪو توکي سلام ڪري تہ اُنهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج: ۽ منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي کڻي رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:29
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو هٿ الياس نبيءَ تي هو. سو هن چادر سان پنهنجو سندرو ٻڌو ۽ يزرعيل شهر تائين اخي‌اب جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندو ويو.


تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


هن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏي اچ.“ هو انهيءَ عورت کي سڏي آيو ۽ اها سندس خدمت لاءِ اچي حاضر ٿي.


هوڏانهن نبين جي ٽولي مان هڪڙي کي اليشع نبيءَ گھرائي چيو تہ ”تياري ڪر ۽ زيتون جي تيل جي هيءَ دنگي کڻي رامات شهر ڏانهن وڃ.


تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.


تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“


هوءَ سخت محنت ڪندڙ، صحتمند ۽ جفاڪش ٿئي ٿي.


اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي سلام ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو.


ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي بدن کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.


اها عيسيٰ تي ايمان آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي قدرت ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، عيسيٰ جي نالي تي ايمان آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.


تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ