Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:27 - Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:27
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ابراهيم بابت چيو تہ ”جيئن تہ ابراهيم جو اولاد هڪ وڏي ۽ طاقتور قوم ٿيندو ۽ دنيا جي سڀني قومن کي انهن جي وسيلي برڪت ملندي، تہ پوءِ آءٌ جيڪي ڪجھہ سدوم سان ڪرڻ وارو آهيان ڇا اهو انهيءَ کان لڪايان؟


تنهن تي ناتن نبيءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”ڀلي جيڪي توهان جيءَ دل ۾ آهي سو وڃي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند توهان سان گڏ آهي.“


سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي.


ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ پڇينس تہ ’تو ڏانهن، تنهنجي مڙس ڏانهن ۽ تنهنجي پٽ ڏانهن تہ خير آهي؟‘“ تنهن تي انهي عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”سڀ خير آهي.“


سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“


”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ


هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر.


عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.


بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.


پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس شاگردن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”استاد! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“


تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو.


ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو.


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.


هوءَ عيسيٰ جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو عورت ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“


جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ