Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:25 - Muslim Sindhi Bible

25 سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پوءِ هوءَ رواني ٿي، ۽ ڪرمل جبل تي اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ آئي، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد هن کي پري کان ايندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي نوڪر جيحازيءَ کي چيائين تہ ڏس، هوءَ شونيمي پيئي اچي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڪرمل جبل تي گھرائي مون وٽ گڏ ڪر. بعل ديوتا جي ساڍن چئن سون نبي سڏائيندڙن ۽ يسيرہ ديويءَ جي چئن سون نبي سڏائيندڙن کي بہ گھراءِ جن جي راڻي ايزبل حمايت ڪري ٿي.“


سو اخي‌اب کائڻ پيئڻ لاءِ اٿيو، پر الياس ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جتي هو پنهنجي گوڏن ۾ منهن وجھي زمين تي جھڪي ويهي رهيو.


تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“


پوءِ هو اتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو ۽ اتان موٽي سامريہ شهر ۾ آيو.


تنهن کان پوءِ اها عورت هڪڙي گڏهہ تي آٿر رکي چڙهي ويٺي ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ ”هڪليندو هل، جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين رفتار ۾ ڍر نہ ڪجانءِ.“


ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ پڇينس تہ ’تو ڏانهن، تنهنجي مڙس ڏانهن ۽ تنهنجي پٽ ڏانهن تہ خير آهي؟‘“ تنهن تي انهي عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”سڀ خير آهي.“


جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“


خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“


انهيءَ وقت بادشاهہ خدا جي بندي جي خدمتگار جيحازيءَ سان پئي ڳالهايو تہ ”مهرباني ڪري اليشع جيڪي وڏا ڪم ڪيا آهن سي مون کي ٻڌاءِ.“


بيابان ۾ هر طرف گل ئي گل ٽڙندا، ۽ انهيءَ مان خوشيءَ جي گيتن ۽ شادمانن جا آواز پيا ايندا. اهو اهڙو شاندار ٿي پوندو جهڙو لبنان جبل. اهو اهڙو تہ زرخيز ٿي پوندو، جهڙو ڪرمل جبل ۽ شارون جي ماٿري. تڏهن هر ڪو خداوند اسان جي خدا جي عظمت ۽ قدرت ڏسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ