Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 هن کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڇو ٿي انهيءَ وٽ وڃين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي نہ وري سبت آهي.“ انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”بس، انهيءَ ۾ ڪا چڱائي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پنهنجي مڙس کي سڏائي چيائين تہ ”مهرباني ڪري پنهنجو هڪڙو نوڪر ۽ هڪڙو گڏهہ مون ڏانهن ڏياري موڪل تہ آءٌ هن خدا جي ٻانهي ڏانهن تڪڙي وڃان ۽ موٽي اچان.“


تنهن کان پوءِ اها عورت هڪڙي گڏهہ تي آٿر رکي چڙهي ويٺي ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ ”هڪليندو هل، جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين رفتار ۾ ڍر نہ ڪجانءِ.“


۽ سبت، نئين چنڊ جي عيد ۽ ٻين مقرر ڪيل عيدن تي قربانيون پيش ڪرڻ وقت پڻ خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ. انهن لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا تہ خداوند جي حضور ۾ انهن ذميوارين پوري ڪرڻ لاءِ هر مقرر ڪيل وقت تي ڪيتري تعداد ۾ هجن. لاوين کي هميشہ لاءِ خداوند جي عبادت جي اها ذميواري سونپي ويئي.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


”اوهين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


”سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو.


دائود وراڻيس تہ ”ڏس، سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي ۽ انهيءَ ڪري مون کي بادشاهہ سان گڏجي ماني کائڻي پوندي. سو مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين وڃي جھنگ ۾ لڪان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ