Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اليشع کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ، تو وٽ گھر ۾ ڇا آهي؟“ ان بيوہ جواب ڏنو تہ ”اوهان جي ٻانهيءَ وٽ گھر ۾ دنگيءَ ۾ ٿوري زيتون جي تيل کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اليشع انهيءَ کي چيو تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ؛ تو وٽ گهر ۾ ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجي ٻانهيءَ وٽ گهر ۾ تيل جي ٿانوَ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪينهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، رڳو اٽي لپ چاڏيءَ ۾ ۽ دنگيءَ ۾ ٿورو تيل اٿم. آءٌ ٻہ چار ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ هتي آيس، موٽي وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائينديس. اهو ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اسين بک وگھي مري وينداسين.“


جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“


تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”وڃي پنهنجي پاڙيسرين کان جيترا ٿي سگھن اوترا خالي ٿانوَ وٺي اچ.


تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“


عيسيٰ پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“


تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“


اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ