Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اليشع کيس چيو تہ ”ايندڙ سال هن وقت تنهنجو پٽ تنهنجي جھوليءَ ۾ هوندو.“ تڏهن انهيءَ عورت کيس رڙ ڪري چيو تہ ”نہ، اي منهنجا آقا! توهين خدا جا ٻانها آهيو، پنهنجي هن ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“


انهن مان هڪڙي چيو تہ ”آءٌ ايندڙ سال هنن ڏينهن ۾ ضرور تو وٽ موٽي ايندس، تڏهن تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“ سارہ هن جي پٺيان تنبوءَ جي در وٽ اها ڳالهہ ٻڌي ورتي.


تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”هاڻي مون ڄاڻي ورتو تہ تون خدا جو چونڊيل ٻانهو آهين ۽ خداوند واقعي تنهنجي معرفت ڳالهائي ٿو.“


عبدياہ چيو تہ ”مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو اوهين پنهنجي هن ٻانهي کي اخي‌اب جي هٿ ۾ ٿا ڏيو تہ جيئن هو مون کي مارائي ڇڏي؟


تنهن وقت يريحو شهر جا ڪي ماڻهو اليشع وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيئن تہ اوهان کي خبر آهي تہ هي شهر هڪ سٺي هنڌ تي ٻڌل آهي، مگر هتان جو پاڻي نقصانڪار آهي ۽ زمين بہ غير آباد آهي.“


تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”سڏ ڪرينس.“ جيحازيءَ کيس سڏي آيو ۽ هوءَ در وٽ اچي بيٺي.


پر انهيءَ عورت کي پيٽ ٿيو ۽ ايندڙ سال انهيءَ ئي ٻڌايل وقت تي کيس پٽ ڄائو، جيئن اليشع کيس چيو هو.


تڏهن عورت اليشع کي چيو تہ ”اي سائين! مون توهان کان پٽ گھريو هو ڇا؟ بلڪ مون تہ اوهان کي منع ڪئي هئي تہ مون کي اجايو دلاسو نہ ڏيو.“


تڏهن آءٌ ايترو تہ ڏهڪاءَ ۾ هئس جو مون چيو هو تہ ”سڀيئي ماڻهو ڪُوڙا آهن، ڪوبہ ڀروسي جهڙو ناهي.“


تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ