Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو اليشع جيحازيءَ کان پڇيو تہ ”پوءِ هن عورت لاءِ ڇا ڪجي؟“ جيحازيءَ کيس ورندي ڏني تہ ”هن کي ڪو پٽ ڪونهي ۽ سندس مڙس بہ پوڙهو ٿي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هن چيو تہ تڏهن هن زال جي لاءِ ڇا ڪجي؟ ۽ جيحازيءَ ورندي ڏني تہ يقيناً هن کي پٽ ڪونهي ۽ هن جو مڙس ڪراڙو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“


جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.


جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب مان هن کي ٻار نہ ٿو ٿئي تڏهن هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کان سڙڻ لڳي. سو هن يعقوب کي چيو تہ ”مون کي بہ اولاد ڏي نہ تہ آءٌ مري وينديس.“


بعد ۾ اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”انهيءَ عورت کي چئُہ تہ ’تو جو اسان جي لاءِ هيتري ساري تڪليف ڪئي آهي، سو ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڇا آءٌ بادشاهہ کي يا فوج جي سپهہ‌سالار کي اوهان جي سفارش ڪريان؟‘“ تنهن تي انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”هتي پنهنجن جي وچ ۾ رهندي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“


تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”سڏ ڪرينس.“ جيحازيءَ کيس سڏي آيو ۽ هوءَ در وٽ اچي بيٺي.


انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.


تنهن وقت ۾ منوحہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو صرعہ شهر جو رهاڪو هو ۽ سندس تعلق دان قبيلي سان هو. هن جي زال سنڍ هئي.


القانہ کي ٻہ زالون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو نالو حنہ ۽ ٻيءَ جو نالو فننہ هو. فننہ اولاد واري هئي، مگر حنہ کي ڪو اولاد ڪونہ ٿيو.


اهو ڏسي سندس مڙس القانہ کيس تسلي ڏيئي چوندو هو تہ ”اي حنہ! تون ڇو ٿي روئين ۽ ماني ڇو نہ ٿي کائين؟ تنهنجي دل ڇو غمگين آهي؟ ڇا آءٌ تنهنجي واسطي ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ