Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بعد ۾ اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”انهيءَ عورت کي چئُہ تہ ’تو جو اسان جي لاءِ هيتري ساري تڪليف ڪئي آهي، سو ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڇا آءٌ بادشاهہ کي يا فوج جي سپهہ‌سالار کي اوهان جي سفارش ڪريان؟‘“ تنهن تي انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”هتي پنهنجن جي وچ ۾ رهندي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ هاڻي هن کي چئُہ تہ ڏس، تو اسان جي ڏاڍي سنڀال لڌي آهي؛ تنهنجي لاءِ ڇا ڪجي؟ تنهنجي مرضي آهي ڇا تہ بادشاهہ کي، يا لشڪر جي سردار کي تنهنجي سفارش ڪجي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ آءٌ پنهنجيءَ قوم ۾ ٿي رهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 4:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي لاءِ ڪجھہ بہ نہ وٺندس. آءٌ رڳو اهو حصو وٺندس جيڪو منهنجي ماڻهن ڪتب آندو، جيڪي مون سان گڏ هليا هئا. پر منهنجا اتحادي عانير، اِشڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.“


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


هن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏي اچ.“ هو انهيءَ عورت کي سڏي آيو ۽ اها سندس خدمت لاءِ اچي حاضر ٿي.


سو اليشع جيحازيءَ کان پڇيو تہ ”پوءِ هن عورت لاءِ ڇا ڪجي؟“ جيحازيءَ کيس ورندي ڏني تہ ”هن کي ڪو پٽ ڪونهي ۽ سندس مڙس بہ پوڙهو ٿي ويو آهي.“


اليشع جنهن عورت جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجي خاندان سميت ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪلڻ وارو آهي، جيڪو هتي ستن سالن تائين هلندو.“


جڏهن هو اتي پهتو تڏهن اتي فوج جي سالارن کي ويٺل ڏٺائين. هن چيو تہ ”اي سالارؤ! مون وٽ اوهان مان هڪڙي لاءِ پيغام آهي.“ ييهوءَ پڇيس تہ ”اسان مان ڪنهن جي لاءِ؟“ هن وراڻيس تہ ”اي سائين! تنهنجي لاءِ.“


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


اوهين خداوند عيسيٰ جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.


مريم کي منهنجا سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ