Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ ۽ ادوم جي بادشاهہ سان گڏجي روانو ٿيو. بيابان کان ڦرندي ستن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وٽانئن پاڻي کپي ويو. سو سندن لاءِ، سندن لشڪر لاءِ ۽ سندن جانورن لاءِ پاڻي ڪونہ بچيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوداہ جو بادشاهہ، ۽ ادوم جو بادشاهہ، گڏجي روانا ٿيا: ۽ هنن ست ڏينهن چوڌاري گشت ڪيو، پر لشڪر ۽ جانور، جي سندن پٺيان هئا، تن لاءِ پاڻي موجود نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيل ۾ وجھو ۽ کيس تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيو، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“


انهن ڏينهن ۾ ادوم ملڪ ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، پر ان تي يهوداہ جي بادشاهہ طرفان هڪ نائب مقرر ٿيل هو.


بادشاهہ يهوسفط سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز عصيون‌گابر بندر ۾ ٺهرايا تہ جيئن اوفير کان سون کڻڻ لاءِ اوڏانهن وڃن، پر اهي وڃي نہ سگھيا ۽ اتي ئي ڀڄي پيا.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يورام ولد اخي‌اب سامريہ شهر ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، جيڪا اٽڪل ٻارهن سال هلي.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يورام چيو تہ ”گھوڙا ڙي! خداوند تہ اسان ٽنهي بادشاهن کي موآب جي بادشاهہ جي رحم وَ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.“


هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“


تڏهن هن پڇيس تہ ”اسين ڪهڙي رستي کان هلي ڪاهہ ڪريون؟“ يورام ورندي ڏنس تہ ”ادوم جي بيابان واري رستي کان.“


يهورام جي حڪومت دوران ادوم ملڪ يهوداہ خلاف بغاوت ڪئي ۽ هڪ الڳ ملڪ ٺهي پيو هو.


آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا.


ڇو اوهان خداوند جي قوم کي هن بيابان ۾ آندو آهي؟ ڇا محض انهيءَ لاءِ تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟


هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“


هو اتان روانا ٿيا ۽ رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


پوءِ برق زبولون ۽ نفتالي قبيلن کي گھرائي قادس شهر ۾ گڏ ڪيو ۽ ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان ٿي هليا. دبورہ بہ ساڻس گڏ ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ