6 تڏهن بادشاهہ يورام سامريہ مان نڪتو ۽ اسرائيل ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان جنگي جوڌن کي تيار ڪيائين.
6 ۽ اُنهيءَ وقت بادشاهہ يهورام سامريہ مان نڪري سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا.
هوڏانهن اسرائيل وارن کي گڏ ڪيو ويو ۽ اهي هٿيار پنهوار کڻي هنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتا. اسرائيل وارا ارامين جي اڳيان خيما کوڙي ويٺا تہ ائين ٿي لڳا ڄڻ ٻڪرين جا ٻہ ننڍڙا ڌڻ هجن. هوڏانهن ارامي سڄي علائقي ۾ پکڙيا پيا هئا.
پر اخياب جي موت کان پوءِ موآب جو بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ کان باغي ٿي ويو.
هن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط ڏانهن هي پيغام پڻ موڪليو تہ ”موآب جو بادشاهہ مون کان باغي ٿي ويو آهي. ڇا تون موآب سان جنگ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ هلندس. آءٌ ۽ تون هڪ آهيون ۽ منهنجا ۽ تنهنجا ماڻهو ۽ گھوڙا بہ هڪ آهن.“
سائول انهن کي بزق شهر ۾ گڏ ڪري سندن شمار ڪيو تہ بني اسرائيل جي يهوداہ قبيلي جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا ۽ باقي قبيلن جا ٽي لک.
تڏهن سائول سڀني ماڻهن کي گھرايو ۽ طلائم واري هنڌ تي انهن جو شمار ڪرايائين. يهوداہ جا ڏهہ هزار پيادا سپاهي ٿيا ۽ باقي ٻين قبيلن جا ٻہ لک ٿيا.