Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 موآب جي بادشاهہ ميشا کي گھڻيون ئي رڍون هيون. سو هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هر سال هڪ لک گھيٽن کان علاوہ هڪ لک گھٽن جي اُن پڻ ڍل طور پهچائي ڏيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو.


هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


پوءِ هن دمشق جي آس‌پاس واري ارامين جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح ارامي بہ دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.


دائود موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ اهي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ