Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ، جيڪو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، تنهن کي شهر جي ڀت تي موآب جي معبود لاءِ قربانيءَ طور پيش ڪيو. تنهن تي اسرائيل جي لشڪر تي دهشت ڇانئجي ويئي ۽ هو شهر کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آس‌پاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين.


خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“


انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ سامريہ شهر ڏانهن پنهنجي محل ۾ موٽي آيو.


جڏهن موآب جي بادشاهہ جنگ ۾ پنهنجي شڪست ٿيندي ڏٺي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ تلوارباز ماڻهو کنيا ۽ دشمنن جي صفن کي چيريندي ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هو ڪامياب ڪونہ ٿي سگھيو.


تنهن کان سواءِ تو پنهنجا اهي پٽ ۽ ڌيئر جيڪي تو کي مون مان پيدا ٿيا هئا، سي وٺي وڃي تو انهن بتن آڏو قربان ڪري ڇڏيا تہ جيئن اهي کين کائي ڇڏين. تنهنجيون زناڪاريون ڪي گھٽ هيون ڇا،


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.


ڇا خداوند هزارين گھيٽن يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان اسان تي راضي ٿيندو؟ ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون، جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“


خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.


تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس تڏهن منهنجي گھر جي دروازي مان پهريون جيڪو بہ مون سان ملڻ لاءِ نڪري ايندو سو تو خداوند جو ٿيندو. آءٌ انهيءَ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندس.“


ٻن مهينن گذرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي. تڏهن هن جيڪا باس باسي هئي تنهن موجب ساڻس هلت ڪيائين. سو هوءَ مرڻ تائين ڪنواري رهي. تنهن بعد بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ