Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:26 - Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن موآب جي بادشاهہ جنگ ۾ پنهنجي شڪست ٿيندي ڏٺي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ تلوارباز ماڻهو کنيا ۽ دشمنن جي صفن کي چيريندي ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هو ڪامياب ڪونہ ٿي سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن موآب جي بادشاهہ ڏٺو تہ سندس لاءِ جنگ ڏاڍي سخت ٿي پيئي آهي، تڏهن هن پاڻ سان ست سؤ ترار مار ماڻهو کنيا، انهيءَ لاءِ تہ ادوم جي بادشاهہ تائين وڙهي لنگهي وڃي: پر هو ائين ڪري نہ سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:26
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن شهرن جا شهر ناس ڪري ڇڏيا ۽ هر ماڻهوءَ پوک وارين ٻنين ۾ پٿر اڇلائي انهن کي ڀري ڇڏيو. هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا ۽ سڀ ڪارائتا وڻ وڍي ڇڏيائون. آخرڪار رڳو موآبين جي گاديءَ جو هنڌ قيرحراست وڃي بچيو هو، پر فوج جي کانڀاڻي‌بازن انهيءَ جو بہ وڃي گھيرو ڪيو ۽ مٿس حملو ڪيائون.


تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ، جيڪو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، تنهن کي شهر جي ڀت تي موآب جي معبود لاءِ قربانيءَ طور پيش ڪيو. تنهن تي اسرائيل جي لشڪر تي دهشت ڇانئجي ويئي ۽ هو شهر کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.


سو اسرائيل جو بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ ۽ ادوم جي بادشاهہ سان گڏجي روانو ٿيو. بيابان کان ڦرندي ستن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وٽانئن پاڻي کپي ويو. سو سندن لاءِ، سندن لشڪر لاءِ ۽ سندن جانورن لاءِ پاڻي ڪونہ بچيو.


يهورام جي حڪومت دوران ادوم ملڪ يهوداہ خلاف بغاوت ڪئي ۽ هڪ الڳ ملڪ ٺهي پيو هو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ