Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن هنن چيو تہ ”هي تہ رت آهي. انهن بادشاهن جا لشڪر ضرور هڪٻئي سان وڙهيا آهن ۽ هڪٻئي کي ماري وڌو اٿن. سو اُٿو تہ هلي لٽ ڦر ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تڏهن هنن چيو تہ هي رت آهي: بادشاهہ ضرور مري کپي ويا آهن ۽ هنن سڀني پنهنجن سنگتين کي ماري وڌو آهي: تنهنڪري هاڻي، اي موآبي، اُٿي ڦرلٽ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 3:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن جڏهن اهي موآبي اٿيا تہ ڇا ڏسن تہ سج پاڻيءَ تي چمڪي رهيو آهي ۽ اهو پاڻي انهن کي اهڙو تہ ڳاڙهو ڏسڻ ۾ آيو جهڙو رت.


پر جڏهن موآبي اسرائيل جي لشڪرگاهہ وٽ آيا تڏهن اسرائيل وارا ساڻن وڙهيا ۽ موآبي سندن اڳيان وٺي ڀڳا. اسرائيل جو لشڪر انهن جي ملڪ اندر ڪاهي پيو ۽ موآبين ۾ ڪوس وڌائون.


خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“


تڏهن يهوسفط ۽ سندس لشڪر وارا دشمنن جو مال لٽڻ لڳا. هنن بي‌انداز ڍور ڍڳا، مال متاع، ڪپڙا ۽ قيمتي شيون پنهنجي هٿ ڪيون. لٽ جو مال ايترو تہ گھڻو هو جو هو ٽن ڏينهن تائين اهو ميڙي گڏ ڪندا رهيا. تنهن هوندي بہ هو سمورو مال کڻي نہ سگھيا.


دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘


دنيا جون قومون مون لاءِ پکين جي آکيري مثل هيون، ۽ جيئن ڪو آسانيءَ سان انهيءَ ۾ پيل انڊا کڻي ٿو وٺي، تيئن مون سندن سڄي زمين ۽ پوري ملڪيت قبضي ڪئي آهي. انهن مان ڪنهن کي اها بہ جرئت نہ ٿي جو ڪو کنڀ چوري سگھي يا وات پٽي چُون بہ ڪري.“


’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ