Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 25:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 25:9
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


انهيءَ وقت هيءَ هيڪل اهڙيءَ طرح تہ ڊاهي ويندي جو جيڪي انهيءَ وٽان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪري چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان ائين ڇو ڪيو آهي؟‘


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


پر پوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن هن کين بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن خدا جي هن گھر کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪري وٺي ويو.


اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.


سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


تون خداوند جي نالي ۾ اڳڪٿي ڪري ڇو چوين ٿو تہ هيءَ هيڪل سيلا شهر جهڙي ٿي ويندي ۽ هي شهر اهڙو ويران ڪيو ويندو جو ڪوبہ منجھس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟“ تڏهن خداوند جي گھر ۾ موجود سڀيئي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا.


آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.


بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.


تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.


تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا، اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ