2.بادشاهَہ 25:4 - Muslim Sindhi Bible4 بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هائو، تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي اکين اڳيان پنهنجو سامان ڪڍي ٻڌ، جيئن جلاوطنيءَ جو سامان ڪڍي ٻڌبو آهي. پوءِ شام جي وقت هنن جي ڏسندي پنهنجي گھر جي ٻاهرين ڀت ۾ سوراخ ڪري ڇڏ ۽ انهيءَ مان سامان ڪڍي ٻاهر رک. سج لهڻ کان پوءِ هنن جي ڏسندي اهو سامان پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي وڃ. تون پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيءُ، انهيءَ لاءِ تہ تون اهو شهر نہ ڏسين جنهن مان تون نڪري رهيو آهين. پوءِ جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو روانا ٿيندا آهن تيئن ئي تون شهر مان نڪري وڃ. اهڙيءَ طرح تون جيڪي ڪجھہ ڪندين، سو بني اسرائيل لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.“