بابل جي بادشاهہ جي خلاف صدقياہ بادشاهہ بغاوت ڪئي. سو سندس بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن شهر جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ گھيري ڪرڻ لاءِ چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.