9 هن اهي ئي ڪم ڪيا جهڙا سندس پيءُ ڪيا هئا ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
9 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙاڪ سندس پيءُ ڪيا هئا.
جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
امُون پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
جن رستن تي هن جو پيءُ هلندو هو، تن سڀني تي هو بہ هليو، جن بتن جي هن جو پيءُ پوڄا ڪندو هو تن جي هن بہ پوڄا ڪئي ۽ انهن جي اڳيان پنهنجو مٿو ٽيڪيائين.
انهيءَ دوران بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جا سالار يروشلم تي ڪاهي آيا ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيا.
اهو ٻين شينهن سان گڏ شڪار ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙو طاقتور ٿي پيو جو ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.