Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن يهوياڪين بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو الناتن جي ڌيءَ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جڏهن يهوياڪين بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ارڙهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٽي مهينا بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو ۽ اُها الناتن جي ڌيءَ هئي، جو يروشلم جو رهاڪو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهويقيم جا پٽ يهوياڪين ۽ صدقياہ هئا.


يهوياڪين جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان.


تون ۽ تنهنجي ماءُ يهوداہ ۾ ڄاوا هئا، پر آءٌ اوهان ٻنهي کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏيان، جتي اوهين مري کپي ويندا.


ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“


بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ