Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بيشڪ يهوداہ سان اهو سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم موجب ئي ٿيو، تہ جيئن هو يهوداہ وارن کي منسيءَ جي گناهن جي ڪري پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 يقين آهي تہ خداوند جي ئي حڪم تي اهي يهوداہ تي آيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي، جيڪي گناهہ منسي ڪيا هئا، تن سڀني موجب، پنهنجي نظر کان ٽاري پاسي ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.


انهيءَ ڪري خداوند اسرائيل وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، سو انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. رڳو يهوداہ وارا ئي پنهنجي ملڪ ۾ رهيا.


تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ اوهان جي معبود خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس برباد ڪر.‘“


ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن جي جٿي سان آيو هو، تڏهن بہ خداوند يهوداہ وارن جي وڏي لشڪر کي انهن کان شڪست ڏياري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. اهڙيءَ طرح يوآس بادشاهہ تي خدا جي طرفان سزا جو حڪم سچو ثابت ٿيو.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.


جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،


انهيءَ شهر کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم! تو ۾ گھڻن ئي ماڻهن جي خونريزي ڪئي ويئي آهي ۽ بتن جي پوڄا ڪئي ويئي آهن. تنهنڪري جلد ئي تو کي سزا ڏني ويندي.


سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهيءَ خوني شهر يروشلم لاءِ! يعني گندگي لڳل انهيءَ ديڳڙي لاءِ، جنهن مان گندگي لاٿي ئي نہ ويئي آهي. سو گوشت جا سڀيئي ٽڪرا ديڳڙي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، ۽ ڪنهن بہ هڪڙي ٽڪر کي خاص سمجھي پوئتي نہ بچاءِ.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا جو هر سٺو واعدو پورو ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح هو اهي سڀ خراب ڳالهيون بہ اوهان تي آڻيندو جنهن جي هن ڌمڪي ڏني آهي، جيستائين هو اوهان کي هن چڱيءَ زمين تان ناس نہ ڪري ڇڏي، جيڪا هن اوهان کي ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ