Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ياد رکو، آءٌ هن يروشلم شهر تي ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪرڻ وارو آهيان، يعني انهن سڀني ڳالهين سبب جيڪي ان ڪتاب ۾ لکيل آهن جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي.


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


سو بادشاهہ انهن لاءِ هڪڙي وڏي دعوت جو انتظام ڪيو. جڏهن انهن کائي پي ڍءُ ڪيو تڏهن انهن کي موڪل ڏنائين ۽ هو پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي هليا ويا. تنهن کان پوءِ ارامين اسرائيل تي ڪاهہ ڪرڻ ڇڏي ڏني.


تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہ‌سالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.


اڃا انهيءَ ڳالهايو ئي پئي تہ هڪڙي ٽئين نوڪر بہ اچي چيو تہ ”ڪسدين ٽن ٽولن جي صورت ۾ اچي اٺن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پڪڙي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي.


جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن. سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ، تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


انهن کان علاوہ اخيقام ولد سافن نالي هڪڙي مکيہ ماڻهوءَ جي حمايت ڪرڻ ڪري مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪيو ويو. يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اورياہ ولد سمعياہ نالي هڪڙو نبي پنهنجي شهر قريت‌يعريم کان يروشلم ۾ اچي خداوند جي نالي سان اڳڪٿي ڪرڻ لڳو. هن بہ انهن ساڳين ئي ڳالهين جي اڳڪٿي ٿي ڪئي جيڪي مون يرمياہ هن شهر ۽ ملڪ جي خلاف ڪيون هيون. جڏهن يهويقيم بادشاهہ، سندس لشڪرن جي سمورن سالارن ۽ عملدارن هن جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر اورياہ نبيءَ کي اهو پتو پئجي ويو سو هو ڊڄي مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. پوءِ بادشاهہ يهويقيم الناتن ولد عڪبور سان گڏ ڪجھہ ٻيا ماڻهو مصر ڏانهن موڪليا، جيڪي اورياہ کي مصر مان پڪڙي يهويقيم بادشاهہ وٽ وٺي آيا. بادشاهہ هن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو هن تي قبضو ڪري وٺندو.


پر جڏهن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر هن ملڪ تي ڪاهہ ڪئي تڏهن اسان فيصلو ڪيو تہ بابلين ۽ ارامين جي لشڪرن کان ڀڄي پري يروشلم شهر ڏانهن هليو وڃجي. ائين اسين يروشلم ۾ اچي رهڻ لڳاسون.“


جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،


ڏسو، آءٌ هر هڪ جي اڳيان پنهنجا هٿ ڊگھيڙيان ٿي، پر ڪوبہ دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اٽلندو آس‌پاس وارين سڀني قومن کي خداوند منهنجي سڀني ماڻهن جي خلاف ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ انهن جي نظرن ۾ پليت ٿي ويئي آهيان.


تڏهن قومون انهيءَ کي مارڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳيون. هائو، هر طرف کان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا شڪاري ڄار مٿس اڇلايا، ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌائون.


هائو، آءٌ بابل وارن قبيلن فقود، شوع ۽ قوع سان گڏ سڀني بابلين کي ۽ سڀني اشورين کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس. اهي سڀ جو سڀ دلپسند جوان مرد، نواب، حاڪم، اڳواڻ ۽ وڏي رتبي وارا شهسوار آهن.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ