Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:16 - Muslim Sindhi Bible

16 بابل جو بادشاهہ سڄي لشڪر کي بہ قيدي بڻائي وٺي ويو جنهن ۾ ست هزار بهادر ماڻهن کان علاوہ هڪ هزار ڪاريگر ۽ هنرمند شامل هئا، جيڪي جنگ جي فن ۾ بہ ماهر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ سڀني بهادر مردن کي بہ، جي ست هزار هئا، ۽ هنر وارن ۽ ڪاريگرن کي بہ، جي هڪ هزار هئا، ۽ سڀ جي همت ڀريا ۽ جنگ جا لائق هئا، تن کي بہ بابل جو بادشاهہ قيد ڪري بابل وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.


پر انهيءَ سالار اتي جي ڪن تمام غريب ماڻهن کي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


اسرائيل ملڪ جي سڀني ماڻهن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. اها ڳالهہ ”اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. يهوداہ ملڪ جي ماڻهن کي سندن ئي گناهن ڪري بابل ڏانهن قيدي ڪري نيو ويو هو.


بلڪ آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏيان جيڪي تنهنجا جاني دشمن آهن، يعني بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر، جن کان تون ڊڄين ٿو.


هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا.


جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،


هن يهوداہ جي بادشاهي گھراڻي جي هڪڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڪڍيو ۽ انهيءَ سان عهد اقرار ڪري کانئس وفاداريءَ جو قسم ورتائين. هو ملڪ جي وڏن اڳواڻن کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو.


کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ