Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:14
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جو بادشاهہ سڄي لشڪر کي بہ قيدي بڻائي وٺي ويو جنهن ۾ ست هزار بهادر ماڻهن کان علاوہ هڪ هزار ڪاريگر ۽ هنرمند شامل هئا، جيڪي جنگ جي فن ۾ بہ ماهر هئا.


پر انهيءَ سالار اتي جي ڪن تمام غريب ماڻهن کي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


اسرائيل ملڪ جي سڀني ماڻهن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. اها ڳالهہ ”اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. يهوداہ ملڪ جي ماڻهن کي سندن ئي گناهن ڪري بابل ڏانهن قيدي ڪري نيو ويو هو.


بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


تڏهن منهنجي ڀائرن مان حناني نالي هڪ ڀاءُ ڪن ٻين ماڻهن سان گڏجي يهوداہ ملڪ مان آيو. مون انهن کان يروشلم ۽ انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا.


هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين سان گڏ يروشلم مان قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو هو. انهن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو هو.


سندن بهادر، جنگي جوان، جج، نبي، فال وجھڻ وارا، اڳواڻ،


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا.


پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،


نبوزرادان انهيءَ ملڪ جي ڪن تمام غريبن کي اتي ئي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،


انهيءَ لاءِ تہ اها بادشاهت حقير ٿي وڃي ۽ وري پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي نہ سگھي، پر ساڻس ڪيل عهد اقرار تي هلندي قائم رهي.


کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.


جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو.


اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا.


بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ لوهار هٿ نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ تہ فلستين اها دورانديشي ڪئي هئي تہ ڪوبہ بني اسرائيل لوهار نہ هجي تہ جيئن عبراني ماڻهو پنهنجي لاءِ تلوارون يا ڀالا نہ ٺهرائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ