Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 24:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين، سندس ماءُ، سندس خدمتگار، سندس سپهہ‌سالار ۽ سندس عملدار سڀ نڪري اچي نبوڪدنضر جي آڏو پيش پيا. بابل جي بادشاهہ پنهنجي بادشاهيءَ جي اٺين سال يهوداہ جي بادشاهہ کي قيدي بڻائي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 24:12
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہ‌سرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ دوران بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پاڻ بہ اتي اچي پهتو.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي جلاوطن ٿيڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ستين تاريخ تي محافظ دستي جو سالار نبوزرادان، جيڪو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو عملدار هو، سو يروشلم ۾ اچي پهتو.


نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.


هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين سان گڏ يروشلم مان قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو هو. انهن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو هو.


تنهنڪري خداوند ڌرتيءَ کي لعنت سان ڀري ڇڏيندو. انهيءَ جا رهاڪو پنهنجي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا ماڻهو باقي وڃي بچندا.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند تو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بابت چوان ٿو تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ تو وٽ ڪوبہ ڪونہ رهندو. تنهنجو لاش ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويندو، جيڪو ڏينهن جو اُس ۾ تہ رات جو پاري ۾ پيو هوندو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صدقياہ ولد يوسياہ کي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيو، جيڪو يهوياڪين ولد يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو.


جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو،


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿي وڃڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي بابل ملڪ ۾ جلاوطنيءَ جي پنجين سال، مهيني جي پنجين ڏينهن،


”اي حزقي‌ايل! هاڻي تون انهيءَ باغي قوم کان پڇ تہ ’ڇا اوهين انهن ڳالهين جي معنيٰ نہ ٿا سمجھو؟‘ هنن کي چئُہ تہ ’ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ اتي جي بادشاهہ ۽ سندس اميرن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ بابل ڏانهن وٺي ويو.


اها کڻي هو سوداگرن جي ملڪ ۾ ويو ۽ سندن هڪڙي شهر ۾ آڻي رکيائين.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل جي ٻن بادشاهن تي هي مرثيو ڳائيندي چئُہ تہ


پوءِ هاڻي انهيءَ ول کي بيابان ۾، هڪڙي خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ پوکيو ويو آهي.


خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ