Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 23:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هن خداوند جي گھر مان يسيرہ ديويءَ جي مورتي ڪڍائي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏي. هن ان کي پيهائي اٽو ڪري عام قبرستان ۾ ڇڙڪائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 23:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.


هن پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي سندس راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇو تہ هن يسيرہ ديويءَ جي ڪراهت جهڙي مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها مورتي ڀڃي ڪيرائي ۽ قدرون جي برساتي نهر ۾ ساڙي ڇڏيائين.


هن يسيرہ ديويءَ جي مورتيءَ وارو ٿنڀو پڻ ٺهرايو. هن ٻيا بہ اهڙا ڪم ڪيا جن سان اسرائيل جي اڳين بادشاهن کان بہ وڌيڪ خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين.


جنهن ڏينهن تون شهر کان ٻئي پاسي ويندين ۽ قدرون جي برساتي نهر پار ڪندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ انهيءَ ڏينهن ضرور ماريو ويندين ۽ تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.“


هو اتان ٿنڀي جيان کوڙيل بت کڻي آيا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيائون.


سو هنن بعل جو ٿنڀي جيان ٺهيل بت تباهہ ڪري ڇڏيو ۽ پوڄا گھر بہ ڊاهي ڇڏيائون. سو اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ان کي پائخاني طور استعمال ڪندا ٿا اچن.


هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربان‌گاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربان‌گاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.


تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


بادشاهہ آسا پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن يسيرہ ديويءَ جي مڪروہ مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها بہ ڀڃائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ انهيءَ کي قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيائين.


هن ٽڪرين تي ٺهيل اهي غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊهرائي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتائن لاءِ قربان‌گاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا بہ ٺهرايا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيائين.


هن پنهنجي روبرو بعل ديوتائن جون قربان‌گاهون ڊهرائي ڇڏيون. انهن جي مٿان جيڪي لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون هيون سي بہ ڊهرائي ڇڏيائين. يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا، ۽ ٻيا سڀ بت ۽ مورتيون ڀڃائي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. هن اهي ٽڪرا انهن جي قبرن تي پکيڙائي ڇڏيا جيڪي انهن تي قربانيون پيش ڪندا هئا.


پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.


اوهين عبادت ڪرڻ لاءِ تہ نڪرو ٿا پر يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ قربان‌گاهن وٽ اچي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي هر سائي وڻ، ٽڪرين جي چوٽين


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘


اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“


جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.


اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي.


تڏهن مون اها گناهہ واري شيءِ يعني گابو، جيڪو اوهان بڻايو هو تنهن کي ساڙي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم ۽ ان جي اها رک انهيءَ نهر ۾ اڇلائي ڇڏيم جيڪا جبل مان ٿي نڪتي.


بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ