Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، ۽ ٻئي درجي وارن ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ خداوند جي هيڪل مان اُهي سڀ باسڻ ڪڍي ٻاهر ڪن جي بعل جي لاءِ، ۽ يسيرت جي لاءِ، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ جوڙايا هئائون: پوءِ هن اُهي يروشلم جي ٻاهران، قدرون جي ٻنين ۾ ساڙائي ڇڏيا، ۽ انهن جي خاڪ بيت ايل ۾ کڻائي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 23:4
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود جا پوئلڳ پار لنگھيا ٿي ويا، تڏهن سڄي ملڪ جا ماڻهو رڙيون ڪري پئي رنا. پوءِ بادشاهہ بہ قدرون جي برساتي نهر پار ڪئي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بہ پار لنگھي بيابان جو رستو ڏيئي هليا.


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


هن پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي سندس راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇو تہ هن يسيرہ ديويءَ جي ڪراهت جهڙي مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها مورتي ڀڃي ڪيرائي ۽ قدرون جي برساتي نهر ۾ ساڙي ڇڏيائين.


يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


هاڻ اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڪرمل جبل تي گھرائي مون وٽ گڏ ڪر. بعل ديوتا جي ساڍن چئن سون نبي سڏائيندڙن ۽ يسيرہ ديويءَ جي چئن سون نبي سڏائيندڙن کي بہ گھراءِ جن جي راڻي ايزبل حمايت ڪري ٿي.“


تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ملڪ ۾ ست هزار ماڻهو ڇڏيندس يعني اهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل اڳيان سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جھڪيا آهن ۽ جن جي چپن سندس بت کي نہ چميو آهي.“


هو اتان ٿنڀي جيان کوڙيل بت کڻي آيا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيائون.


جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


هن هيڪل جي ٻنهي اڱڻن ۾ آسماني سيارن ۽ ستارن لاءِ قربان‌گاهون ٺاهيون.


هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.


شاهي محل جي مٿان آخز واري ڪوٺيءَ جي ڇت تي جيڪي قربان‌گاهون يهوداہ جي بادشاهن ٺهرايون هيون ۽ جيڪي قربان‌گاهون هيڪل جي اڱڻن ۾ منسيءَ جوڙايون هيون سي يوسياہ بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون ۽ اها خاڪ کڻائي قدرون جي برساتي نهر ۾ اڇلرائي ڇڏيائين.


تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


بادشاهہ آسا پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن يسيرہ ديويءَ جي مڪروہ مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها بہ ڀڃائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ انهيءَ کي قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيائين.


هن ٽڪرين تي ٺهيل اهي غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊهرائي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتائن لاءِ قربان‌گاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا بہ ٺهرايا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيائين.


هن هڪ تراشيل مورتي ٺهرائي ۽ اها کڻي اچي خدا جي گھر ۾ رکيائين، جنهن گھر جي باري ۾ خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيت‌ايل ۽ جِلجال جي عبادت‌گاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو، ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو، ۽ هر ٽئين ڏينهن تي اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو.


آءٌ خداوند پنهنجو هٿ يروشلم جي رهاڪن خلاف، بلڪ سڄي يهوداہ وارن خلاف کڻندس. آءٌ هن هنڌان بعل جي باقيات کي فنا ڪري ڇڏيندس، بلڪ آءٌ انهن ڪاهنن جي نالن کي پڻ مِٽائي ڇڏيندس جيڪي بعل جي بت‌پرستي بہ ڪرائين ٿا.


هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.


جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ