2.بادشاهَہ 23:3 - Muslim Sindhi Bible3 پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.