1 تڏهن يوسياہ بادشاهہ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا سڀ اڳواڻ پاڻ وٽ سڏايا.
1 ۽ بادشاهہ ماڻهو موڪليا، ۽ يهوداہ جا ۽ يروشلم جا بزرگ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.
دائود هڪڙو ڀيرو وري بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار چونڊ جوان گڏ ڪيا.
پوءِ بادشاهہ انهن اڳواڻن کي يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، ڪاهنن، نبين مطلب تہ سڀني ننڍن توڙي وڏن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ۾ ويو. اتي هن خداوند جي گھر مان لڌل انهيءَ عهدنامي جي ڪتاب يعني شريعت جون سڀيئي ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير حزقياہ بادشاهہ شهر جا سڀ عملدار گڏ ڪيا ۽ انهن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ڏانهن ويو.
جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.
اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان.
يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.