Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 22:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 خلقياہ سردار ڪاهن وٽ وڃ تہ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ماڻهن آندا آهن، ۽ جي دربانن ماڻهن کان گڏ ڪيا آهن، تن جو هو حساب ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 22:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳ‌ٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“


اتان هنن بادشاهہ حزقياہ کي سڏ ڪيو ۽ الياقيم ولد خلقياہ، جيڪو محل جو انتظام سنڀاليندو هو، شبناہ جيڪو شاهي محرر هو ۽ يوآخ ولد آسف جيڪو شاهي منتظم هو، سي شهر کان ٻاهر نڪري آيا.


سلوم ولد قوري ولد ابي‌آسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


عقوب ۽ طلمون جي اڳواڻيءَ ۾ هيڪل جي دروازن تي جيڪي پهريدار مقرر هئا سي هڪ سؤ ٻاهتر ڄڻا هئا.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ