Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 22:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پنهنجي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يوسياہ بادشاهہ پنهنجي شاهي محرر سافن ولد اصلياہ ولد مسلام کي خداوند جي گھر موڪليو. هن کيس چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ يوسياہ بادشاهہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ هن پنهنجي محرر سافن بن اصلياہ بن مسلام کي خداوند جي گهر ڏانهن موڪليو، ۽ چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 22:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


جهڙي بادشاهہ يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال خداوند جي لاءِ يروشلم ۾ ملهائي ويئي.


يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.


تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


جڏهن ميڪاياہ ولد جمرياہ ولد سافن چمڙي جي انهيءَ ويڙهوٽي مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون،


تڏهن هو لهي شاهي محل ۾ شاهي محرر اليسمع جي ڪمري ۾ ويو، جتي شاهي محرر سان گڏ گھڻا عملدار گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ دلاياہ ولد سمعياہ، الناتن ولد عڪبور، جمرياہ ولد سافن، صدقياہ ولد حننياہ ۽ ٻيا عملدار شامل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ