Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيڪا سزا آءٌ هن هنڌ ۽ هتي رهڻ وارن کي ڏيندس سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. تون انهيءَ کان اڳ سڪون سان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين.‘“ سو اهي ماڻهو خداوند جو اهو پيغام کڻي يوسياہ بادشاهہ وٽ موٽي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 22:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ وفات ڪيائين. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏي ڄمار ماڻي وڃي پنهنجن سان مليو.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ”خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.


جڏهن تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن آءٌ تنهنجو نسل تنهنجي پٽن مان هلائيندس ۽ منجھانئن هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.


جيڪا سزا آءٌ هن هنڌ ۽ هتي رهڻ وارن کي ڏيندس سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. تون انهيءَ کان اڳ سڪون سان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين.‘“ پوءِ اهي ماڻهو خداوند جو اهو پيغام کڻي يوسياہ بادشاهہ وٽ آيا.


مگر نيڪ ماڻهن تي نظر ڪريو ۽ سچارن ڏانهن نهاريو، ڏسو تہ امن پسند ماڻهن جو مستقبل ڪيڏو نہ روشن آهي!


اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ