جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم.