2.بادشاهَہ 22:16 - Muslim Sindhi Bible16 خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ياد رکو، آءٌ هن يروشلم شهر تي ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪرڻ وارو آهيان، يعني انهن سڀني ڳالهين سبب جيڪي ان ڪتاب ۾ لکيل آهن جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي، ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪندس، جيئن ڪ سمورو انهيءَ ڪتاب جو ڪلام آهي، جو يهوداہ جي بادشاهہ پڙهيو آهي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.