Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 22:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن خلقياہ ڪاهن، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 22:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ييهو لباس‌خاني جي ناظم کي حڪم ڏنو تہ ”بعل جي سڀني پوڄيندڙن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي اچ.“ سو هو انهن لاءِ مخصوص پوشاڪون کڻي آيو.


تڏهن انهيءَ عورت کين چيو تہ ”جنهن اوهان کي مون وٽ موڪليو آهي تنهن کي وڃي چئو تہ


تڏهن خلقياہ ۽ ٻيا ماڻهو جن کي بادشاهہ حڪم ڏيئي موڪليو هو سي خلدہ نبياڻيءَ ڏانهن ويا جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو.


باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڪجھہ ڏنو، سو جملي اٽڪل هڪ سؤ ستر ڪلوگرام سون، هڪ هزار هڪ سؤ ڪلوگرام چاندي ۽ ڪاهنن وارا ستهٺ لباس هئا.


تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.


مون کي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري مان گھرائي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن جي حوالي ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائون تہ ”يرمياہ کي موٽائي سندس گھر ڇڏي اچ.“ اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم وارن سان گڏ رهڻ لڳس.


خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رن‌زال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي.


انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون.


جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بي‌حرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.


انهن ڏينهن ۾ دبورہ نالي هڪڙي نبياڻي بني اسرائيل جي رهبر هئي، جيڪا لفيدوت جي زال هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ