2.بادشاهَہ 22:13 - Muslim Sindhi Bible13 ”اوهين وڃي منهنجي، ٻين ماڻهن جي ۽ سڄي يهوداہ جي طرفان هن لڌل ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين بابت خداوند کان پڇا ڪريو. خداوند اسان تي ضرور ڏمريو هوندو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڪونهي مڃيو جو اسان بابت جيڪي هن ۾ لکيل آهي تنهن تي پوريءَ طرح عمل ڪن ها.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.