Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 22:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جيڪا بصقت شهر واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جا بصقتي واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 22:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ست سال هئي.


جڏهن منسي بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ٻارهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حفصي‌باہ هو.


تنهن تي ملڪ جي ماڻهن وري انهن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، جن بادشاهہ امُون جي خلاف سازش ڪئي هئي. پوءِ هنن امُون بادشاهہ جي پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.


امُون کي پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ سندس لاءِ ٺهيل غار ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تان‌تہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين.


اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.


اٽلندو خداوند انهن جي مٿان ٻارن کي اڳواڻ مقرر ڪندو، هائو، انهن تي ننڍڙا ٻار حڪومت ڪندا.


يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.


پر فرض ڪريو تہ انهيءَ گنهگار شخص کي هڪ اهڙو پٽ پيدا ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پيءُ جي ڪيل سڀني گناهن کي ڏسي بيزار ٿئي ٿو ۽ پيءُ جهڙا ڪم نہ ٿو ڪري.


هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو.


حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسيءَ مان امُون پيدا ٿيو ۽ امُون مان يوسياہ پيدا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ