Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 21:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 21:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ئي منهنجي نالي هڪڙو گھر جوڙيندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.


جڏهن تون پنهنجي قوم کي ڪيڏانهن سندن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ موڪلين ۽ هو جتي بہ هجن، اتان تنهنجي هن چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري تو خداوند کان دعا گھرن،


خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.


تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


سو اورياہ ڪاهن آخز بادشاهہ جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ ئي اها قربان‌گاهہ ان طريقي موجب ٺاهي راس ڪئي.


هن انهيءَ هيڪل ۾ بت‌پرستن جون قربان‌گاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ”يروشلم شهر ۾ آءٌ پنهنجو نالو قائم رکندس.“


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


تڏهن يوسياہ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، نائب ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند جي هيڪل مان اهي سڀ شيون ٻاهر ڪڍيون وڃن، جيڪي بعل ديوتائن، يسيرہ ديويءَ ۽ آسماني ستارن جي لاءِ جوڙايون ويون هيون.“ پوءِ بادشاهہ اهي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏيون ۽ انهن جي رک بيت‌ايل ڏانهن موڪلي ڇڏي.


هن خداوند جي گھر مان يسيرہ ديويءَ جي مورتي ڪڍائي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي ڇڏي. هن ان کي پيهائي اٽو ڪري عام قبرستان ۾ ڇڙڪائي ڇڏيو.


هن خداوند جي گھر مان ڌارين معبودن جا بت ۽ اها تراشيل مورتي کڻائي ڇڏي، جيڪا پاڻ اتي رکي هئائين. هن اهي سڀ غير معبودن جون قربان‌گاهون جيڪي صيئون جبل تي بلڪ سڄي يروشلم ۾ ٺهرايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اڇلرائي ڇڏيون.


هن هڪ تراشيل مورتي ٺهرائي ۽ اها کڻي اچي خدا جي گھر ۾ رکيائين، جنهن گھر جي باري ۾ خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“


تڏهن رات جو خداوند کيس ڏيکاري ڏيندي چيو تہ ”مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هن هيڪل کي پنهنجي لاءِ قربانين واسطي قبول ڪيو اٿم.


مون هن هيڪل کي چونڊي مخصوص ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هميشہ منهنجو نالو قائم رهي. سو منهنجي نگاهہ ۽ دل هر وقت مٿس رهندي.


تہ پوءِ مون جيڪو ملڪ بني اسرائيل کي ڏنو آهي تنهن مان سندن پاڙون پٽي ڇڏيندس ۽ هيءَ هيڪل جيڪا مون پنهنجي نالي لاءِ مخصوص ڪئي آهي تنهن کي آءٌ رد ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهيءَ کي سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب بڻائي ڇڏيندس.


پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


تون پنهنجي انهيءَ قوم جو خيال ڪر، جنهن کي تو قديم زماني کان چونڊيو آهي. هائو، انهن کي تو پنهنجو ئي بڻائڻ لاءِ ڇڏايو آهي. تون صيئون جبل جو بہ خيال ڪر، جنهن تي تون ڪنهن وقت رهندو هئين.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.


هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بي‌حرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهيو، تنهن جي ڀرسان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀي طور ڪنهن بہ قسم جو وڻ نہ لڳائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ