2.بادشاهَہ 21:6 - Muslim Sindhi Bible6 هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو. هو جادو ڪندو هو ۽ فالون وجھندو هو. هن ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واسطا پڻ رکيا. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.