Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 21:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 21:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياس سڀني ماڻهن جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ ”اوهين ڪيستائين ٻِہ‌دليا ٿي رهندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ انهيءَ جي پٺيان لڳو، پر جيڪڏهن بعل خدا آهي تہ پوءِ انهيءَ جي پٺيان لڳو.“ پر ماڻهن ڪجھہ بہ نہ ڪُڇيو.


تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


انهيءَ هوندي بہ هو انهن گناهن کان باز نہ آيا جن ۾ يربعام کين آڻي وڌو هو، پر انهن کي جاري رکندا آيا، بلڪ سامريہ ۾ يسيرہ ديويءَ جي مورتي بہ رکي رهي.


هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.


عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.


جيئن تہ يهورام اخي‌اب جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي، سو هُو بہ بدڪردار اخي‌اب جي گھراڻي وانگر اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو ۽ اهي ئي ڪم ڪيائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


هو بہ اخي‌اب گھراڻي جي رستي تي هليو ۽ انهن وانگر اهڙا ڪم ڪيائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇو تہ اخي‌اب جو گھراڻو سندس ناناڻ هو.


اهو ساڳيو حزقياہ ئي نہ آهي ڇا جنهن خداوند جون ڪيتريون ئي قربان‌گاهون ۽ عبادت‌گاهون ڊهرائي ڇڏيون ۽ پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي چيو هئائين تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪريو.‘


سندس بادشاهيءَ جي اٺين سال جڏهن هو اڃا ننڍو هو تڏهن کان وٺي هو پنهنجي وڏي دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال کان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ کي غير معبودن جي پوڄا گھرن، يسيرہ ديويءَ جي مورتين، ۽ ٻين سڀني بتن کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.


مون سج کي چمڪندو ڏسي، يا چنڊ کي آب‌تاب ۾ هلندو ڏسي ڪڏهن بہ انهن جي پوڄا نہ ڪئي آهي.


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ وارن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن. هنن ڪراهت جهڙيون شيون يعني بت ٺاهي منهنجي نالي پٺيان سڏجندڙ هيڪل ۾ رکي ان کي پليت ڪيو آهي.


اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخي‌اب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهيو، تنهن جي ڀرسان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀي طور ڪنهن بہ قسم جو وڻ نہ لڳائجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي شهرن مان، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ بہ ڪو اهڙو مرد يا عورت لڀي جنهن خداوند جو عهد ٽوڙي اهڙي بڇڙائي ڪئي هجي جو


وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ متان اهي ڪراهت جهڙا ڪم، جيڪي هنن پنهنجي معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ سيکارين ۽ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ