Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 21:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جو اُهي انهن غير قومن جي ڪراهت جهڙن ڪمن موافق هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 21:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا، پر اهڙا نہ جيڪي هن کان اڳي اسرائيل جي ٻين بادشاهن ڪيا هئا.


”يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. اموري جيڪي کانئس اڳ ٿي گذريا، تن کان بہ وڌيڪ هن بڇڙا ڪم ڪيا آهن ۽ سڄي يهوداہ کي پنهنجي بتن ذريعي گمراهيءَ ۾ وجھي ڇڏيو اٿائين.


ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


امُون پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


جن رستن تي هن جو پيءُ هلندو هو، تن سڀني تي هو بہ هليو، جن بتن جي هن جو پيءُ پوڄا ڪندو هو تن جي هن بہ پوڄا ڪئي ۽ انهن جي اڳيان پنهنجو مٿو ٽيڪيائين.


هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘


هن اُهي ئي خراب ڪم ڪيا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن مان ڪن ڪيا هئا ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


هن اهي ئي ڪم ڪيا جهڙا سندس پيءُ ڪيا هئا ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.


انهيءَ ڪري آءٌ بہ پنهنجي مرضيءَ سان هنن لاءِ مصيبتون چونڊي وٺندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿن آڻيندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون سڏيو تہ ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو تڏهن ڪنهن بہ نہ ٻڌو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو هنن ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو ئي هنن پسند ڪيو.“


يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“


تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، جنهن جي حڪمن تي اوهين نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪئي اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي ئي عمل ڪيو آهي.“


سامريہ جي وسنديءَ تہ تنهنجي گناهن جي اڌ جيترا بہ گناهہ نہ ڪيا هئا. تون ڪراهت جي ڪمن ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي کان گوءِ کڻي ويئي آهين. تنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڀيٽ ۾ تنهنجي ٻنهي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي نہ هو.


انهيءَ شهر کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم! تو ۾ گھڻن ئي ماڻهن جي خونريزي ڪئي ويئي آهي ۽ بتن جي پوڄا ڪئي ويئي آهن. تنهنڪري جلد ئي تو کي سزا ڏني ويندي.


خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ