Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 21:16
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. اموري جيڪي کانئس اڳ ٿي گذريا، تن کان بہ وڌيڪ هن بڇڙا ڪم ڪيا آهن ۽ سڄي يهوداہ کي پنهنجي بتن ذريعي گمراهيءَ ۾ وجھي ڇڏيو اٿائين.


انهيءَ سبب جو هنن اُهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ برا آهن ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪتا هئا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.“


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


هن يسيرہ ديويءَ جي جيڪا تراشيل مورتي ٺهرائي هئي، سا انهيءَ هيڪل ۾ رکايائين، جنهن بابت خداوند دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.


تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.


تنهن هوندي بہ منسيءَ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي ايترو تہ گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي:


مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بي‌گناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،


يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بي‌گناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.


جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.


پر سچار ماڻهو انهن تي اها ئي فتويٰ جاري ڪندا، جيڪا زناڪار ۽ خوني عورتن تي جاري ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ تہ بيشڪ اهي ٻيئي زناڪار آهن ۽ سندن هٿ خون ۾ رنڱيل آهن.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“


يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ