Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 20:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يسعياہ وراڻيس تہ ”اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ هو پنهنجو واعدو پورو ڪندو آهي خداوند تو کي هڪ نشاني ڏيندو. ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿو چاهين تہ پاڇولو ڏهہ قدم اڳتي وڃي يا پوئتي هٽي وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ يسعياہ چيو تہ خداوند وٽان تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو ڪندو: ڇا پاڇو ڏهہ قدم اڳي يا ڏهہ قدم پوئتي وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 20:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ کي وڌيڪ چيو تہ ”اي حزقياہ! تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي تہ هن سال جيڪو ڪجھہ پاڻيهي ڦٽندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال بہ اُهو ئي کائيندا جيڪو وري اُن مان پاڻيهي ڦٽي نڪرندو. پر ٽئين سال ۾ اوهين پاڻ پوکيندا، لڻندا، انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ پوءِ انهن جو ڦر کائيندا.


حزقياہ وراڻيو تہ ”پاڇولو تہ اڳتي ويندو رهندو ئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهو ڏهہ قدم پوئتي هٽي وڃي.“


تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي نشاني آهي جو خداوند مون کي شفا ڏيندو ۽ ٽئين ڏينهن تي آءٌ هيڪل ۾ عبادت لاءِ ويندس؟“


انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪو ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“


انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.


پر جيڪڏهن هنن چيو تہ ’اسان وٽ اچو‘ تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين ۽ اها ئي اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي تہ خداوند انهن کي اسان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ