2.بادشاهَہ 20:5 - Muslim Sindhi Bible5 ”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“
پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آسپاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ