Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 20:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہ‌سرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا جي تون ڄڻيندين، سي هو وٺي ويندا؛ ۽ اُهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ نوڪر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 20:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين، سندس ماءُ، سندس خدمتگار، سندس سپهہ‌سالار ۽ سندس عملدار سڀ نڪري اچي نبوڪدنضر جي آڏو پيش پيا. بابل جي بادشاهہ پنهنجي بادشاهيءَ جي اٺين سال يهوداہ جي بادشاهہ کي قيدي بڻائي وٺي ويو.


نبوڪدنضر يهوياڪين کي قيدي بڻائي بابل ڏانهن وٺي ويو. هو بادشاهہ يهوياڪين جي ماءُ، سندس زالن، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني مکيہ ماڻهن کي پڻ قيدي بڻائي وٺي ويو.


سو هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو. پوءِ هن کي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو ويو جتي کيس سزا ٻڌائي ويئي.


تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہ‌سالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.


هن شهر جي سڄي دولت، ان ۾ تيار ٿيندڙ هر شيءِ، ان جون سڀ قيمتي شيون ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا پڻ آءٌ سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو انهن شين کي لٽ جي مال جيان هٿ ڪري بابل ڏانهن کڻي ويندا.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل جي داروغي اسپنز کي حڪم ڏنو تہ ”پڪڙي آندل بني اسرائيل منجھان سندن شاهي نسل ۽ اميرن جا ڪي نوجوان وڃي چونڊي ڪڍ.


تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ