Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 20:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تن ڏينهن بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلہ‌دان ولد بلہ‌دان پنهنجي ايلچين جي هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن خط ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪليون، ڇاڪاڻ تہ هن حزقياہ جي بيماريءَ بابت ٻڌو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهيءَ وقت بابل جي بادشاهہ برودڪ بلہ دان بن بلہ دان، خط ۽ هڪڙو تحفو حزقياہ ڏانهن موڪليو: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ حزقياہ بيمار هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 20:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.


ان شهر جو نالو بابل پئجي ويو، ڇو تہ اتي خداوند سڀني ماڻهن جي ٻولي منجھائي ڇڏي هئي ۽ اتان انهن کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو هئائين.


تڏهن دائود چيو تہ ”آءٌ ناحس جي پٽ حنون سان اهڙي مهربانيءَ سان پيش ايندس، جهڙي مهرباني سندس پيءُ مون سان ڪئي هئي.“ سو دائود پنهنجي قاصدن هٿان سندس پيءُ جي عذرخواهي چوائي موڪلي. جڏهن دائود جا قاصد بني عمون جي ملڪ ۾ اچي پهتا،


تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ چانديءَ، سون ۽ پتل جا ٿانوَ آندا.


پر حزقياہ ڏاڍو مغرور ٿي پيو ۽ خداوند جي ڪيل احسانن جي شڪرگذاري نہ ڪيائين، جنهن ڪري مٿانئس ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.


جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


هي پيغام بابل بابت آهي، جيڪو يسعياہ ولد آموص کي خدا رويا ۾ ڏنو.


بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.


جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن بابل جي بادشاهہ تي هي ٺٺوليون ڪري چيو ويندو تہ ”ظالم بادشاهہ ڪيئن نہ نيست وَ نابود ٿي ويو آهي! هاڻي هو وري ڪنهن تي بہ ظلم نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ