2.بادشاهَہ 20:10 - Muslim Sindhi Bible10 حزقياہ وراڻيو تہ ”پاڇولو تہ اڳتي ويندو رهندو ئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهو ڏهہ قدم پوئتي هٽي وڃي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ حزقياہ ورندي ڏني تہ پاڇي کي ڏهہ قدم اڳتي لڙڻ آسان آهي: پر گهرجي ائين تہ پاڇو ڏهہ قدم پٺتي موٽي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.