Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 20:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪي ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 20:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخيتفل جڏهن ڏٺو تہ سندس صلاح تي عمل نہ ڪيو ويو آهي، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي آٿر رکيو ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گھر پهچي پنهنجي گھر جي انتظام بابت وصيت ڪيائين. پوءِ پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“


تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو.


هن محل جي منتظم الياقيم، شبناہ شاهي محرر ۽ وڏن ڪاهنن کي کٿا ڍڪائي آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليو.


تڏهن يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا اشور جي شهنشاهہ سنحيرب خلاف تنهنجي دعا ٻڌي آهي.


تڏهن حزقياہ ڦري پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ