Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ايلياہ پنهنجي چادر کڻي ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ کي هنئي تہ پاڻي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ڌار ٿي بيهي رهيو، جنهنڪري هو ٻئي سڪيءَ زمين تان لنگهي پار ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن الياس اهو ٻڌو تڏهن چادر سان پنهنجو منهن ڍڪي نڪري اچي غار جي منهن وٽ اندران ئي بيهي رهيو. تڏهن انهيءَ آواز کيس چيو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


سو الياس اتان روانو ٿيو ۽ وڃي اليشع ولد شافاط کي لڌائين جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي رهيو هو. ڪل ٻارهن جوٽون هيون. يارهن جوٽون کانئس اڳيان هيون، هو پاڻ ٻارهين يعني آخري جوٽ سان هو. الياس وٽس ويو ۽ پنهنجي چادر لاهي هن جي مٿان اڇلائي وڌائين.


تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


ايمان جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.


سائول پڇيس تہ ”اهو ڪهڙيءَ شڪل جو آهي؟“ عورت وراڻيس تہ ”اهو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي جو مٿي چڙهندو پيو اچي، کيس هڪڙو جبو پيل آهي.“ تڏهن سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي. سو هن زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ