Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.بادشاهَہ 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.بادشاهَہ 2:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب جي ڏينهن ۾ بيت‌ايل جي رهاڪو حي‌ايل يريحو شهر وري تعمير ڪرايو. هن جڏهن يريحو شهر جو بنياد وڌو تہ سندس پهريتو پٽ ابيرام مري ويو ۽ جڏهن انهيءَ جا در اڏيائين تہ سندس سڀني کان ننڍو پٽ سجُوب بہ مري ويو. سو جيئن خداوند يشوع ولد نون جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي ٿيو.


الياس واٽ تي اليشع کي چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند بيت‌ايل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع چيس تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا بيت‌ايل ڏانهن ويا.


پر ٻار جي ماءُ اليشع کي چيو تہ ”جيئري خداوند ۽ توهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي وٺي وڃڻ کان سواءِ ڪين وينديس.“ تڏهن اليشع اُٿي انهيءَ عورت سان گڏ روانو ٿيو.


عيسيٰ يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


يريحو شهر جا دروازا بني اسرائيل جي خوف سبب وڏي مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا هئا. نہ تہ ڪو شهر کان ٻاهر ٿي آيو ۽ نہ ئي وري ڪو اندر ٿي ويو.


يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“


پر رُوت وراڻيو تہ ”مون کي ائين نہ چئُہ تہ آءٌ تو کي ڇڏي وڃان، مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ کان نہ موٽاءِ. جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ وينديس، جتي تون رهندينءَ آءٌ بہ اتي ئي رهنديس. جيڪا قوم تنهنجي آهي سا منهنجي بہ ٿيندي، جيڪو خدا تنهنجو آهي سو ئي منهنجو بہ ٿيندو.


حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ